SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قومپرست اتحاد- قومپرست ڀائپي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


قومپرست اتحاد- قومپرست ڀائپي

Pan Nationalism

پئن نيشنلزم

قوم پرستيءَ جو هڪ قسم ، جيڪو پنهنجي سرگرميءَ ۾ رياستي سرحدن کان مٿانهين آباديءَ جي ايڪي کي ممڪن بڻائيندو آهي. قومپرستيءَ جي ٻين قسم جيان” پئن نيشنلزم“ ساڳي ٻولي، مذهب تاريخي پسمنظر، سوچ جي هم آهنگي ۽ طبعي هڪجهڙائي رکندڙ وسيع آباديءَ ۾ نفسياتي ۽ روحاني ويجهڙائپ جي سبب بڻجندي آهي . جيئن ”پئن عرب ازم“ جي تصور ۾ ساڳي ٻولي سڄي عرب دنيا جي اتحاد جو اهڃاڻ آهي ، توڙي جو عرب آباديءَ جا مذهب مٽيل آهن. اهڙي طرح ”پئن نيشنلزم“ به مختلف رياستن ۾ ورهايل هم زبان هم نسل آباديءَ کي گڏ ڪري، هڪ وڏي برادريءَ جي جوڙجڪ ڪري ٿو، علائقائيت ) (Regionalsim جي واڌاري،علائقائي سهڪار، بلڪه اتحاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ساڳئي وقت ڪو شخص يا گروهه ان رويي کي، پرڏيهي پاليسيءَ ۾ استعمال ڪندي ان کي پنهنجي والار پسندي ۽ هڪ هٽيءَ لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿو. مثال طور: روس طرفان ”سلاوازم“ جي ڇٽيءَ هيٺ سلاو قومن کي گڏ ڪرڻ جو مقصد دراصل علائقي ۾ عثماني اثر کي روڪڻ هو. تاريخ جي حوالي سان عرب ۽ آفريقا ۾ ”پئن نيشنلزم“ جي رويي، بيٺڪيت مخالف آزاديءَ جو تحريڪون هلائي، ويهين صديءَ ۾ تمام گهڻين قومن کي نئين رياستي سڃاڻپ ڏني.


Remember Me Also:

مذبذب

مُذَبذَب

صفت. (ع. ذَبذَبُ=غير مستقل مزاج) غير مستقل مزاج، ڦرڻو گهرڻو، سودائي. شَڪِي، انڌڌُنڌ ۾، غير شفاف، ناصاف.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal